ٺڪراٺو ( ن سنڌيار)سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس 8 موبائلن ۽ اي پي سي چين سميت ايس ايڇ او مبارڪپور عبدالوهاب پتافي جي اڳواڻي مهرن جي ٽن ڳوٺن تي چڙھايون ڪري گهرن مان مبينا ڦرلٽ کانپوء 10 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن رحم علي مهر ڪوڙو مهر امداد جيئل مهر ميرمحمدمهر ٻانهون ٻاروڄ مهر قربان مهر عاقل مهر ۽ ٻين جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا رابطو ڪرڻ تي ايڇ او مبارڪپور عبدالوهاب پتافي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ اچيهر موڙ وٽ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل مقتول قيصرمهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء چڙھايون ڪيو آھن پر ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو باقي پوليس جتي ويندي آھي ضرور ڪا نه ڪا ڪارروائي ٿيندي آھي هوڏانهن ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او مبارڪپور بااثر شخص جي چرچ تي اسان خلاف ڪاروائي ڪري رهيو آھي پوليس سڪن سان گڏ ساوا ساڙي رهي تنهنڪري هو گهرن ڀڄي ويا آھن هنن چيو ته اسان جو نوجوان جي قتل يان قاتلن سان ڪو واسطو ناهي جنهن ڳوٺاڻن جا گهر ڦرلٽ بعد ڊاهي پٽ ڪيا آھن انهن ڪو به قتل ڪيس ۾ نامزد ناهي پوليس اجايو ناحق ڪري رهي ڳوٺاڻن ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته قرآن پاڪ شفاف انڪوائري ڪرائي اسان انصاف ڪيو وڃي










