نارو(محمد نواز ناريجو) چونڊڪو ڀرسان تجل واري علائقي ۾ هيانءُ ڏاريندڙ واقعو جوابدار غلام شبير گوپانگ ساٿين سان گڏجي پنهنجي نوجوان زال 23سالن جي مومل گوپانگ ۽ پيرسن سهري 55 سالن جي نصيراحمد گوپانگ کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار آساني سان فرار ٿي ويو. پوليس هڪ ڪلاڪ بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي چونڊڪو اسپتال کڻائي آئي. اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ خيرپور منتقل ڪيو ويو ۽ پيرسن جو لاش 5 ڪلاڪن کان چونڊڪو اسپتال ۾ پيل رهيو ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو.










