جوابدار جي ڦاهي جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ واري درخواست رد

جوابدار جي ڦاهي جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نشي جي حالت کي بنياد بڻائي 5 سالن جي ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جي جوابدار جي ڦاهي جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته پاڻمرادو (پنهنجي مرضي سان) نشو ڪندڙ شخص ڪنهن به ڏوهه مان ڇوٽڪاري (استثنيٰ) جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي پنهنجي مرضي سان شراب يا نشي آور شيءِ استعمال ڪندڙ کي ڏوهاري ذميواري کان بچڻ جو ڪو حق حاصل آهي. عدالتِ عظمیٰ 5 سالن جي ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جي جوابدار ’سني مسيح‘ جي اپيل رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ پاران ٻڌايل ڦاهي جي سزا کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ ڪيس جو تحريري فيصلو لکيو، جڏهن ته ان اهم ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ٽي رڪني بينچ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم پڻ شامل هئا. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل اهو موقف اختيار ڪيو هو ته واقعي وقت جوابدار نشي جي حالت ۾ هو، تنهنڪري ان بنياد تي ڦاهي جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو وڃي. عدالت ان گهر کي مڪمل طور رد ڪندي واضح ڪيو ته جوابدار پاڻ تسليم ڪيو آهي ته هن پنهنجي مرضي سان شراب پيئي هئي. عدالت رولنگ ڏني ته پنهنجي مرضي سان ڪيل نشي کي ڪنهن به ڏوهاري عمل جي بچاءُ (دفاع) طور استعمال نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قانون جي تشريح ڪندي واضح ڪيو ته ڏوهه کان ڇوٽڪارو صرف ۽ صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن ڪنهن شخص کي سندس مرضي جي خلاف (زبردستي) يا وري سندس لاعلمي ۾ ڪا نشي آور شيءِ ڏني وئي هجي ۽ هو پنهنجي هوش ۾ نه هجي. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار انتهائي بي دردي سان هڪ معصوم ٻارڙي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪيو. هي ڏوهه انتهائي سنگين نوعيت جو آهي جيڪو ڪنهن به رعايت جي لائق ناهي، تنهنڪري جوابدار جي اپيل خارج ڪئي وڃي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو