جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو هڙتال ۽ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو هڙتال ۽ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)گڏيل عوامي ايڪشن ڪميٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال ۽ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته حڪومت گذريل ڏينهن احتجاج ڪندڙن جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن.آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي تحريڪ ختم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ اڄ پنجين ڏينهن به ٽرانسپورٽ جزوي طور تي بحال آهي.مختلف ضلعن مان لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن واپس پنهنجن علائقن ڏانهن روانا ٿي ويا.جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي جي ترجمان موجب احتجاجي تحريڪ دوران 3 ڄڻن جي شهادت تي اڄ سوڳ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، مظفرآباد ۾ سمورا نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا بند آهن.جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مطالبن جي مڃتا کانپوءِ احتجاجي تحريڪ ختم ڪئي وئي، اڄ 3 وڳي تائين ڪاروباري مرڪز، بازارون ۽ دڪان بند رهندا. آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ۽ ڪجهه هنڌن تي متاثر آهي، جنهن سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.آزاد ڪشمير بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو