سجاول(ن سنڌيار) سجاول ۾ جوا، آڪڙا ۽ منشيات جي سري عام وڪري خلاف احتجاج، پوليس خلاف سخت نعري بازي، سجاول ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ جوا، آڪڙا ۽ منشيات جي سري عام وڪري خلاف مقبول شاھ، اشفاق شاه، ذوالفقارشاھ، صدام شاه ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سجاول پوليس جي سرپرستي ۾ سري عام جوا، آڪڙا ۽ منشيات سري عام وڪرو ٿي رهي آھي. ايس ايڇ او سجاول اياز ميمڻ ٽن ڏينهن کان اسان جا ڪارو بار بند ڪرائي اتي پوليس ويهاري ڇڏي آھي ۽ ڌمڪائي رهيو آھي ته توهان کي چرس ۾ چالان ڪري جيل موڪلي ڇڏيندس جڏھن ته سندس سرپرستي ۾ گٽڪا، شراب، جوا ۽ آڪڙا سري عام هلي رهيا آھن. منشيات فروش بغير ڪنهن ڊپ جي پنهنجو ڪارو بار ڪرڻ ۾ سرگرم بڻيل آھن. منشيات فروش هر ھفتيوار ۽ ماهوار منٿلي پهچائين ٿا. ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سجاول اياز ميمڻ ٻڌايو ته مقبول شاھ سندس دڪان تي منشيات جو ڪارو بار هلائي رهيو آھي. ڪاروائي ڪرڻ تي هو من گهڙت ۽ پروپيگنڊا ڪري منهنجي خلاف ذاتي نوعيت جي الزام تراشي ڪري رهيو آھي.










