لاهور(م ڊ)تحريڪ انصاف جي باني ميمبر ۽ قانوني ماهر حامد خان جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين ۽ عليم خان عمران خان جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي حامد خان چيو ته عمران خان کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو ويو هو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان پارٽي کي يرغمال بڻائڻ آيا آهن.هن چيو ته عمران خان کي اقتدار تان هٽائڻ ۾ جهانگير ترين ۽ عليم خان جو وڏو هٿ آهي، ٻنهي عمران خان جي پٺيءَ ۾ ڇري هئي.حامد خان پارٽي چيئرمين عمران خان سان فاصلي ۽ پوءِ ويجهو ٿيڻ جو سبب بيان ڪندي چيو ته عمران خان سان اختلاف جهانگير ترين ۽ عليم خان جي پارٽي ۾ شموليت ۽ قاضي فيض عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ تي ٿيو.هن چيو ته قاضي فيض عيسيٰ خلاف وزيراعظم ريفرنس واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايماندار ۽ باصلاحيت جج کي ڪجهه قوتن حوالي ڪيو ويو، جيڪو وقت ثابت ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جهانگير ترين، عليم خان ۽ قاضي فيض عيسيٰ جي ڪيس ۾ منهنجو موقف درست هو، جڏهن صورتحال واضح ٿي وئي ته عمران خان شاهه محمود کي مون ڏانهن موڪليو ته جتان هنن سفر شروع ڪيو اتان ئي ٻيهر شروع ڪيو وڃي تحريڪ انصاف اڳواڻ حامد خان به فواد چوڌري تي تنقيد ڪندي چيو ته فواد کي موڪليو ويو آهي، سندس مقصد عمران خان ۽ پارٽي کي نقصان پهچائڻ آهي، سندس مقصد عمران خان کي سزا ڏيارڻ هو.










