جهانگير ترين جي مستقبل جي سياست بابت ڪا به خبر ناهي: شوڪت ترين

جهانگير ترين جي مستقبل جي سياست بابت ڪا به خبر ناهي: شوڪت ترين

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت ترين جهانگير ترين جي مستقبل جي سياست بابت لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافي شوڪت ترين کان سوال ڪيو ته ڇا هن جهانگير ترين سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي هئي؟ان تي شوڪت ترين چيو ته جهانگير ترين واپس اچي ويو آهي، اسان گڏجي ماني کاڌي جنهن ۾ اسان سندس صحت بابت پڇيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جهانگير ترين سان سياست بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي ۽ مون کي سندس مستقبل جي سياست بابت ڪا به خبر ناهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، عبوري حڪومت اهڙي هئڻ گهرجي جنهن تي سڀني کي اعتماد هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو