اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جنهن ٽولي ڀٽو جي حقيقي وارثن کي حق نه ڏنو اهي سنڌ جي مظلوم عوام کي ڪهڙو انصاف ڏيندا.فردوس عاشق اعواڻ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي تي رد عمل ڏيندي چيو ته جعلي راجڪماري جي ڳڙهي خدا بخش اچڻ سان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي شهيد جي روح تڙپي هوندي.هنن جي سياست ۽ قربانين کي قابض گروپ ذاتي مفاد تي قربان ڪري ڇڏيو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ضياءُالحق جي پيداوار کي ڳلي لڳائي ڀٽو ۽ بي بي شهيد جي جمهوري فلسفي کي ختم ڪيو ويو آهي. فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته جنهن ٽولي ڀٽو جي حقيقي وارثن کي حق نه ڏنو اهي سنڌ جي مظلوم عوام کي ڪهڙو انصاف ڏيندا.ڀٽو جا اصل وارث دربدر آهن. جڏهن ته سياست تي ناجائز قبضو ڪندڙ جمهوريت جي خلاف سازشون ڪرڻ ۾ مصروف آهن.










