ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ موجب جنوري 2023 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 21 مهينن ۾ سڀ کان گهٽ رهيو.مرڪزي بئنڪ موجب، جنوري 2023 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 24.20 ملين ڊالر رهيو ۽ جنوري ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڊسمبر جي ڀيٽ ۾ 4.80 ملين ڊالر گهٽ رهيو.اسٽيٽ بئنڪ موجب جنوري 2023ع ۾ درآمدات 3.92 ارب ڊالر ۽ برآمدات 2.20 بلين ڊالر هئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال درآمدات ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.مرڪزي بئنڪ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته 7 مهينن ۾ برآمدات 50 سيڪڙو گهٽتائي سان 16.42 ارب ڊالر ٿي ويون جڏهن ته 7 مهينن ۾ واپار، خدمتن ۽ آمدني کاتي جو خسارو 20.44 بلين ڊالر ۽ 7 مهينن ۾ ترسيل 16 ارب ڊالر رهيو.اسٽيٽ بئنڪ موجب جولاءِ 2022ع کان جنوري 2023ع تائين واپاري خسارو 17 ارب ڊالر رهيو.










