جنهن هٿ نه ملايو هاڻي ڳالهين لاءِ منٿون ڪري پيو: شهباز شريف

جنهن هٿ نه ملايو هاڻي ڳالهين لاءِ منٿون ڪري پيو: شهباز شريف

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) شهباز شريف چيو آهي ته ن ليگ جي دور ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ڏيڻ واري اسڪيم کي رشوت قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن نوجوانن کي ليپ ٽاپ نه ڏيون ها ته ڇا بندوق ڏيون ها، نوجوانن جي ذهن ۾ زهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ناڪام ٿيندي.اسلام آباد يوٿ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته معاشري ۾ ورهاست پيدا ڪرڻ ۽ زهر ڀرڻ افسوس جوڳو عمل آهي.شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اوهان قوم کي ورهائي ڇڏيو جنهن جي ڪائي حد حساب نه آهي، قوم ائين ناهن ٺهنديون، چار سال اسان سان هٿ نه ملايو ۽ هاڻ چوي ٿوته اسان سان اچي ڳالهيون ڪريو، اها ٻچاپڙائپ ڪيستائين هلندي.هن چيو ته ن ليگ جي دور ۾ نوجوانن لاءِ شاندار پروگرام ترتيب ڏنا ويا، هن چيو ته يوٿ پروگرام شروع ٿيڻ پاڪستاني قوم جي وڏي خدمت آهي، هنرمند پروگرام ذريعي لکين گهراڻن کي روزگار مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو