ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جنس مٽائي ڇوڪري بڻجندڙ ماڊل ۽ ڳائڻي شاعره راءِ جو نئون گانو ڪملي رليز ٿيڻ وارو آهي. جيڪو هن محسن عباس حيدر سان گڏ ڳايو آهي. شاعره راءِ انڊپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هوءِ پيدائشي طور ته ڇوڪرو هئي پر سندس مزاج ڇوڪرين وارو رهيو ۽ شڪل به ڇوڪرين جهڙي هئي. هن چيو ته مان شروع کان جينڊر ڊس آرڊر ۽ هارمونز جي خرابي جو شڪار هئس. امڙ کي سڀ ڪجهه ٻڌايو پر گهر وارا چوندا هئا ته هي ڊرامو ٿو ڪري. سيالڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ شاعره راءِ جا گهر ڀاتي لاهور شفت ڪري آيا جتي هن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. هن چيو ته 8 سالن جي عمر ۾ سوٽ جنسي طور حراسان ڪيو، 12 سالن جي عمر ۾ هڪ پاڙيسري ريپ ڪيو. مان بلوغت کان اڳ آپريشن ڪرائي چوڪري بڻجي ويس جنهن بعد دبئي هلي ويس. دبئي ۾ ماڊلنگ شروع ڪئي ۽ ڳائڻ به لڳس، منهنجو پهريو گانو رات بولي ووڊ فلم گهوسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته سندس ڪيترائي گانا رليز ٿي چڪا آهن ۽ هوءَ دبئي ۾ موشن پڪچرز نالي پروڊڪشن هائوس به هلائي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ پاڪستاني نزاد ڇوڪري محبت ۽ شادي جي آڇ ڪئي ته پاڪستان هلي آيس پر هو ڪجهه عرصي بعد وڙهن شروع ٿيو ۽ تشدد ڪندو هو. جنهن بعد مان واپس ٻيهر دبئي هلي آيس.










