جنرل عاصم منير آرمي چيف جي ڪمانڊ سنڀالي ورتي

راولپنڊي: ريٽائرڊ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج جي ڪمان نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير حوالي ڪري ڇڏي. هوپاڪ فوج جو 17هون ڪمانڊر آهي. پاڪ فوج جي ڪمان جي تبديلي جي شاندار تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن ۾ رٽائرڊ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوجن جا سربراهه، سينيئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر، سندن خاندان ۽ وفاقي سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پهريون شهيدن جي يادگار تي پهتا، جتي هنن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي بلند درجات لاءِ دعا ڪئي. پاڪ فوج جي جوانن قومي تراني ۽ قومي گيتن تي جهمريون پيش ڪيون ۽ قومي جهنڊي کي سلامي ڏني. تقريب جي مهمان خاص جنرل قمر جاويد باجوا جنرل عاصم منير سان گڏ هو، جنهن جي پنڊال تي پهچڻ تي کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ جنرل قمر جاويد باجوا کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو