جنرل باجوه اسان جو محسن آهي، احسان فراموشي نه ڪئي وڃي: پرويز الاهي

جنرل باجوه اسان جو محسن آهي، احسان فراموشي نه ڪئي وڃي: پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جا عمران خان تي تمام گهڻا ٿورا ٿيل آهن، احسان فراموشي نه ڪئي وڃي.پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته جڏهن عمران خان جنرل باجوا خلاف ڳالهايو ته مون کي خراب لڳو.هن چيو ته جنرل باجوا اسان جو محسن آهي، محسنن خلاف نه ڳالهائڻ کپي، باجوا جا مٿس تمام گهڻا ٿورا ٿيل هن، احسان فراموشي نه ڪئي وڃي.سندس چوڻ هوته جيڪڏهن هاڻي جنرل باجوا جي خلاف ڳالهايو ويو ته سڀ کان پهرين مان مخالفت ڪندس ۽ منهنجي سڄي پارٽي آواز اُٿارنيدي، اسان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جا مخالف نه ساٿي آهيون پر پنهنجن محسنن جا احسان وسارڻ نه گهرجن.پرويز الاهي جو چوڻ هو ته رٽائرڊ جنرل فيض حميد اسان سان گهڻيون زيادتيون ڪيون ۽ جيل موڪلڻ جي ڪوشش به ڪئي، هو اسان جي خلاف هو، عمران خان ته مونس الاهي کي ڀر ۾ به نه ويهاريندو هو ان باوجود اسان سندس ساٿ ڏنو، جڏهن عمران خان چيو ته اسيمبلي ٽوڙيو ته اسان فوري طور حامي ڀري.

پهنجو تبصرو موڪليو