جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي تقرير کي دنيا ۾ پذيرائي ملي،تارڙ

جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي تقرير کي دنيا ۾ پذيرائي ملي،تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير کي سڄي دنيا ۾ ڀرپور موٽ ملي ۽ پاڪستان فلسطين جي نسل ڪشي ۽ اسرائيل جي جنگي ڏوهن خلاف آواز اٿاريو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.وزيراعظم جي تازي دوري تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي.هن چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان هميشه امت مسلمه جي حوالي سان آواز اٿاريو آهي.هن چيو ته فلسطين جي مسئلي تي ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف وزيراعظم شهباز شريف جو مضبوط آواز سڄي دنيا ڏٺو آهي.وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي تقرير کي سڀ کان وڌيڪ ماڻهن ڏٺو، رڳو الجزيره تي 1.6 ملين ماڻهن ان کي ڏٺو، جڏهن ته ساڳئي چينل تي اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير کي رڳو 3 ملين ماڻهن ڏٺو.هن چيو ته جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي تاريخ لکبي ته ان تقرير جو ضرور ذڪر ٿيندو جنهن ۾ فلسطين مسئلي کي هر رخ کان اجاگر ڪيو ويو.وزيراعظم چيو ته جيڪي به اسرائيل-فلسطين تڪرار تي خاموش آهن اهي به سهولتڪار آهن.عطا تارڙ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير دوران پاڪستاني وفد وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ اتان واڪ آئوٽ ڪيو. اسان کي ڏسي ٻيا ملڪ به هليا ويا ۽ سڄو هال خالي ٿي ويو، اهو اعزاز به پاڪستان کي وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو