لاهور (ويب ڊيسڪ)جناح هائوس لاهور تي حملي ۾ ملوث مرڪزي شرپسند ڪردار بابت پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا بي نقاب ٿي وئي آهي. مکيه جوبدار عمران محبوب نالي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن نڪتو.شرپسند کي هڪ خاص منصوبي تحت جناح هائوس ۾ شروع ڪيو ويو.پي ٽي آءِ حملي آور کي ايجنسين جو اهلڪار قرار ڏيندي حملي جو سمورو الزام سڪيورٽي ادارن تي لڳايو.ولن هڪ خانگي هوٽل جو ملازم آهي جيڪو سياسي پارٽي جي اهم ڪارڪنن ۾ شامل آهي.پي ٽي آءِ پنهنجي آفيشل هينڊل تي جاري ڪيل وڊيو ۾ عمران محبوب کي ايجنسين جو نوڪر قرار ڏنو هو.جوابدار عمران محبوب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تحويل ۾ آهي.اهڙن ڪردارن تي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي.










