ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال ۾ عارضي بنيادن تي مقرر ڊاڪٽرن مستقل طور جناح اسپتال ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل آئيني درخواست تي نوٽيس جاري ڪري حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي. عدالت اهڙو حڪم اربع تي ڊاڪٽر محمد عمر سلطان، ڊاڪٽر فرخ حسين ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو جنهن ۾ سندن پاران سنڌ حڪومت ۽ جناح اسپتال کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذارن کي سنڌ حڪومت پاران جناح اسپتال ۾ عارضي طور خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي جنهن تي اهي جناح ۾ ڪم ڪري رهيا آهن پر کين جناح اسپتال ۾ مستقل طور تي مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته جناح اسپتال ۾ 400 ميڊيڪل آفيسرن جون جايون آهن جنهنڪري گذارش آهي ته جناح اسپتال ۾ عارضي بنيادن تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن کي مستقل طور جناح ۾ ضم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.










