جناح اسپتال ۾ دوائن جو بحران، آپريشن رڪجي ويا

جناح اسپتال ۾ دوائن جو بحران، آپريشن رڪجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال ۾ زندگي بچائيندڙ دوائن جي بحران سبب ڪيترائي آپريشن ملتوي ڪيا ويا آهن.اسپتال ذريعن موجب، ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ اينڊو اسڪوپي لاءِ گهربل انجڪشن ۽ وٽامن ‘ڪي’ جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو آهي، ۽ اسپتال ۾ انسولين سرنج ۽ ڪينولا به موجود نه آهن.اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم انجڪشن جي کوٽ سبب ڪيترائي آپريشن ملتوي ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ آپريشن ملتوي نه ڪيا ويا آهن، دوائون به موجود آهن، جڏهن ته نئين مالي سال جي بجيٽ کان پوءِ وڌيڪ دوائن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو