جمعيت اهل حديث مرڪزي صدر ساجد مير لاڏاڻو ڪري ويو

جمعيت اهل حديث مرڪزي صدر ساجد مير لاڏاڻو ڪري ويو

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) جمعيت اهل حديث جي مرڪزي صدر سينيٽر پروفيسر ساجد مير لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن موجب، ساجد مير جو انتقال دل جو دورو پوڻ سبب ٿيو. ساجد مير جي عمر 86 سال هئي.ساجد مير 2 آڪٽوبر 1938ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي تعليم پنجاب يونيورسٽي، لاهور مان مڪمل ڪئي. پروفيسر ساجد مير 2003 کان 2025 تائين مسلسل سينيٽر رهيو، ۽ ان کان اڳ، هو 1994 کان 2000 تائين اپر هائوس جو ميمبر پڻ رهيو. ساجد مير مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو هو. ساجد مير مرڪزي جماعت اهل حديث پاڪستان جو امير پڻ هو ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو چيئرمين پڻ رهيو هو. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پروفيسر ساجد مير جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پروفيسر ساجد مير جي قومي ۽ شهري خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان چيو ته پروفيسر ساجد مير اعتدال پسند، روشن خيال ۽ اتحاد ۽ اتفاق راءِ جا حامي هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو