دادو(ن سنڌيار) دادو ويجهو جمعو مائينر مان نڪرندڙ نور واھ ڪورٽ جي حڪم تي رينجرز جي مدد سان کولرايل نور واھ بااثر زميندار ايريگيشن عملدارن کي ڳري رشوت ڏئي ٻيھر بند ڪرائي ڇڏيو، مختلف ڳوٺن وليد شيخ، شيخ دڙو، ڳوٺ ٻڍو ڳوٺ پير ڳڻيو ڳوٺ جتوئي ۽ ٻين ڳوٺن جي آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين اقبال شيخ، حاجي عبدالغفور شيخ، عبدالستار شيخ، راجا شيخ، شاھد الرحمان شيخ، فراز شيخ، بچل شيخ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن عملدارن بااثر زميندار کان رشوت وٺي پچڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان جو فصل جنهن ۾ جوئر، وونئڻ ۽ سارين جو ٻجارو سڪي ويو آھي ۽ زرعي زمينون غير آباد ٿي ويون آھن، احتجاج ڪندڙ آبادگارن ڊپٽي ڪمشنر دادو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته غير قانوني طور بند ڪيل نور واھ کوليو وڃي ته جيئن پچڙي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي فراهم ٿي سگهي، ٻي صورت ۾ دادو پريس ڪلب آڳيان مرڻ گهڙيء تائين بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.










