سنڌ ۾ غيرجانبدار نگران حڪومت قائم ڪريو، جماعت اسلامي

سنڌ ۾ غيرجانبدار نگران حڪومت قائم ڪريو، جماعت اسلامي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ ۾ غيرجانبدار نگران حڪومت جي قيام ۽ سٺي ساک رکڻ واري شخصيت کي وڏو وزير مقرر ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ هڪ حساس صوبو آهي، گذريل 15 سالن کان لاڳيتو هڪ پارٽي اقتدار ۾ آهي اها پارٽي ڪهڙي طرح سان چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿي ان جي هڪ جهلڪ تازو مڪاني چونڊن ۽ ڪراچي جي ميئر جي چونڊ ۾ قوم ڏسي چڪي آهي، وفاق ۾ پنهنجي اتحادي ايم ڪيو ايم سان ڳٺ جوڙ ڪري اسيمبلي جي مُدت ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مخالف ڌُر اڳواڻ کي تبديل ڪرڻ جو مقصد پنهنجي مرضي جي نگران حڪومت قائم ڪري چونڊن ۾ من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ آهي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ غير جانبدار حڪومت جو قيام آئيني ضرورت، عوام جي خواهش ۽ وقت جي ضرورت آهي ان جي ابتڙ جانبدار حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام ايندڙ چونڊن جا نتيجا هرگز قبول ڪونه ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو