جماعت اسلامي جي جلوس تي هينڊ گرنيڊ سان حملو 40 زخمي

جماعت اسلامي جي جلوس تي هينڊ گرنيڊ سان حملو 40 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گلشن اقبال واري علائقي ۾ بيت المڪرم مسجد لڳ جماعت اسلامي جي يوم استحصال ريلي تي هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪيو ويو. جنهن ۾ 40 ڄڻن کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. جماعت اسلامي موجب ٻن ٺڻن جي حالت نازڪ آهي. پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار ريلي مٿان  بم اڇلائي فرار ٿي ويا. واقعي واري هنڌ پوليس ۽ رينجرز جا جوان پهچي ويا. ڌماڪي بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اسانکي ڪشمير ڪاز لاءِ احتجاج کان ڊيڄاري نٿو سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو