ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪومت کان ڪي اليڪٽرڪ جي آڊٽ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ان سان بجلي ورڇ جو نئون معاهدو نه ٿيڻ گهرجي پيپلزپارٽي پنهنجي اڪثريت ثابت نه ڪري سگهندي مير جماعت اسلامي جو ئي ايندو پي پي جي روايت آهي ته مينڊيٽ نه مڃيو وڃي ڀلي ملڪ ئي ڇو نه ٽٽي وپي سومر تي ڪي اليڪٽرڪ نجڪاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت جي احاطي کان باهر ميڊياسان ڳالهائيندي حافظ نعيم چيو آهي ته اسان شهرين کي انصاف ڏيارڻ چاهيون ٿا ان لاءِ حڪومت کان ڪي اليڪٽرڪ جي آڊٽ جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ ان سان گڏ ئي اهو به چئون ٿا ته ان سان بجلي جي ورڇ جو نئون معاهدو نه ٿيڻ گهرجي هن چيو ته 2015 ۾ سخت گرمي ۾ هيٽ ويوو دوران بجلي نه هجڻ سان شهري فوت ٿيا اسان چاهيون ٿا ته شهرين کي انصاف ملي جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف واحد اواز آهي ڪائي سياسي پارٽي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف نٿي ڳالهائي ڪراچي جي شهرين جو ڪيس هر پليٽ فارم تي وڙهي رهيا آهيون اسان عدالت ۾ وڃون ٿا ۽ نيپرا به وڃون ٿا هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي جي 2015 جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي عام مفاد جي وڏي مسئلي تي 10 سالن کان پوءِ ٻڌڻي ٿي آهي اسان 2015 ۾ به سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻين ۾ شريڪ رهيا سين هن چيو ته اوور بلنگ، لوڊشيڊنگ فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪراچي جي شهرين کي لٽيو پيو وڃي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سان گفتو ٿيو ته ان ڪيس کي ڪيئن هلايو وڇي حافظ نعيم الرحمان چيو ته رياست پاران نجڪاري جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽيبيوشن جا جيڪي ڪمڪرڻا هئا اهي نه ڪيا ويا ۽ ڪي اي ايس سي جي پيداواري صلاحيت ۾ ڪو خاص اضافو نه ڪيو ويو ڪراچي جي ميئر جي حوالي سان هن ڳالهائيندي چيو ته هن ميئرشپ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ وچ ۾ پارٽي سطح تي رابطا آهن پارٽين جا پنهنجا فيصلا ٿيندا آهن جماعت اسلامي جا نمبر پورا آهن اسان جو ميئر اچي رهيوآ هي مسلم ليگ (ن) کي به چئون ٿا ته جيڪڏهن اها ڪراچي جي بهتري چاهي ٿي ته اسان سان گڏ هلي 0ن) ليگ کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي پارٽي ڪراچي جي خدمت ڪري سگهي ٿي (ن) ليگ جا ماڻهو ۽ نمائندا به چاهين ٿا ته اها جماعت اسلامي کي ووٽ ڪري. (ن) ليگ سان ملڻ کان پوءِ به پي پي وٽ نمبر پورا نه آهن.










