لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جو سنڌ حقوق مارچ رات لاڙڪاڻي ۾ گذارڻ بعد اڱاري تي صبح جو نوابشاهه لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. پي ٽِي آءِ جي سينئر نائب صدر شاهه محمود قريشي، جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سنڌ جي صدر علي زيدي ۽ وزيراعظم جي معاون ارباب غلام الرحيم جي اڳواڻي ۾ مارچ روانو ٿيو. ان کان اڳ ميديا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڳ ۾ لاڙڪاڻي صرف پي پي جا جهنڊا هوندا هئا پر هاڻي زرداري مافيا بعد ڳوٺ ڳوٺ ۾ پي ٽي آءِ جا جهندا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر صفدر عباسي جا شڪر گذار آهيون جنهن ڀرپور جلسا ڪرايا. افسوس آهي ته جناح گرائونڊ ۾ جتي اسانجو جلسو هو ان ميدان ۾ گٽرن جو پاڻي ڇڏيو ويو. مان پڇان ٿو هي ڪهڙي سياست آهي، هي ڪهڙي جمهوريت آهي. هن چيو ته اصل ۾ هي پيپلزپارتي جي قيادت جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي. لانگ مارچ خيرپور پهتو ته سيد غوث علي شاهه سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ جلسو به منعقد ڪيو ويو. جنهن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي پي حڪومت اسانجي حامين خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي. هن هڪ ڪارڪن کي پيش ڪندي چيو ته هن خلاف 18 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن. جنهن بعد لانگ مارچ مهراڻ هاءِ وي سان نوابشاهه لاءِ روانو ٿيو. ذريعن جو چون آهي ته لياقت جتوئي سان پي ٽي آءِ قيادت رابطو ڪندي رهي پر هن سندن دادو م ميزباني کان معذرت ڪئي جنهن بعد پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ راڻيپور آيو، پلان مطابق کين مورو کان نوابشاهه اچڻو هو.










