حيدرآباد(رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل سانگھڙ جي تڪ اين اي 216 تان چونڊيل پ پ ايم اين اي شازيا مري جي ڊگري جعلي ھئڻ خلاف داخل درخواست تي شازيا مري جو بيان جو رڪارڊ ڪري ورتو جسٽس امجد سھتو تي ٻڌل ٽربيونل جي سنگل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وفاقي وزير شازيه عطا مري پنهنجي وڪيل پرڪاش جهمٽ مل معرفت عدالت ۾ پيش ٿي، جتي هن بيان رڪارڊ ڪرايو شازيه مري جي وڪيل جي دعويٰ ڪئي آهي ته درخواستگذار ڪشن چند پارواڻي جي وڪيل پاران ڪراس سوال نه ڪرڻ تي عدالت مٿس 25 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي 2018ع جي عام چونڊن دوران اليڪشن ۾ شازيه مري ڪاميابي ماڻي هئي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار ڪشن چند پارواڻي 10 هزار ووٽن تان هارائي ويو هو جي ڊي اي اميدوار هارائڻ بعد ڌانڌلي جا الزام هڻي شازيه عطا مري جي ڊگري کي چئلينج ڪيو هو










