ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جعلي ڊوميسائلن جي خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي درخواست ۾ جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ تي ڪراچي ۾ سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جو الزام آهي تفصيل موجب درخواست سنڌ اسيمبلي ميمبر خواجه اظهار داخل ڪئي هئي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پاران ڊوميسائيل جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميٽي ٺاهڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪميٽي جوڙي ڇڏي ڪنهن کي شڪايت آهي ته ان سان رابطو ڪري بئريسٽر رفيق ڪلوڙ ٻڌايو ته سياسي پارٽين ۾ جيڪو معاملو ٿيو آهي ان ۾ ڊوميسائيل جو معاملو به شامل آهي جنهن تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ٻڌايو ته اسان جو سنڌ حڪومت سان ڪوئي معاهدو نه آهي سياسي پارٽين وچ ۾ هڪ انڊر اسٽيڊنگ آهي اها ڪڏهن به ختم ٿي سگهي ٿي سنڌ هاءِڪورٽ جعلي ڊوميسائلن جي خلاف خواجه اظهارالحسن جي درخواست رد ڪري ڇڏي عدالت ڌرين کي 29 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي سنڌ حڪومت کان جواب گهري ورتو آهي.










