ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي جَي پائلٽس لائسنس برانچ جَي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري جعلي لائسنس ٺهرايا، لائسنس لاءِ ورتل امتحان به جعلي هئا، ايف آءِ اي جعلي لائسنس جِي جاچ مڪمل ڪري ورتي، 40پائلٽس، سول ايوي ايشن لائسنس برانچ جي 8 آفيسرن ۽ هڪ خانگي شخص خلاف 4 ڪيس داخل ڪيا ويا. ايف آءِ اي موجب، پائلٽس امتحان لاءِ جيڪي تاريخون ڄاڻايون، انهن ڏينهن ۾ يا ته عيد هئي يا وري عام موڪل، ايف آءِ آر ۾ نامزد ايڪٽنگ ايڊيشنل ڊائريڪٽر خالد محمود، سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر فيصل منظور انصاري، آصف الحق، ايڊيشنل ڊائريڪٽر محمد محمود حسن، سينيئر سپرنٽينڊنٽ ايچ آر عبدالرئوف ۽ پائليٽ محمد ثقلين اڳ ئي گرفتار آهن.










