جعلي اڪائونٽ ڪيس، جتوئي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

جعلي اڪائونٽ ڪيس، جتوئي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

ڪراچي (شهزادو مستوئي) احتساب عدالتن جي انتظامي جج جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيل اوور سيز هائوسنگ سوسائٽي جي چيئرمين اعجاز هارون کي چئن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي نيب جي جاچ آفيسر جي درخواست تي ڏنو. نيب پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اعجاز هارون جعلي اڪائونٽس ۾ گهربل هو جنهن کي گذريل ڏينهن ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي پر کيس نيب راولپنڊي ڏانهن منتقل ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڪيس نيب راولپنڊي وٽ آهي جنهنڪري سندس راهداري رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن کيس راولپنڊي جي عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي جنهن تي عدالت نيب جي اهڙي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي چئن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  اعجاز هارون چيو ته نيب ناحق گرفتار ڪيو آهي پر نيب وارن اڃا تائين مٿس ڪو تشدد ناهي ڪيو. هن چيو ته نيب سان جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪري رهيو هيس پر ان باوجود خبر ناهي ڇو مون کيس گرفتار ڪيو ويو. ياد رهي نيب کيس ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو