جسٽس پاران فائز عيسيٰ جو جوڊيشل ڪميشن اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو

جسٽس پاران فائز عيسيٰ جو جوڊيشل ڪميشن اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ججز مقرري جي معاملي تي چيف جسٽس آڦ پاڪستان کان جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نه مون کي چيف جسٽس پاڪستان ۽ نه ئي رجسٽرار سپريم ڪورٽ اجلاسن بابت آگاهه ڪيو، گرمين جي موڪلن دوران جوڊيشل ڪميشن اجلاس گهرائڻ جو سبب سمجهه کان ٻاهر آهي.هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن اجلاسن کي ملتوي ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽس ۾ به موڪلون هلي رهيون آهن ۽ غير قانوني طريقي سان جوڊيشل ڪميشن اجلس نٿو گهرائي سگهجي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان سڀني کي آئيني ذميواري کان آگاهه هجڻ گهرجي، عوام جي تقدير سان غيرآئيني طريقي سان نه کيڏيو وڃي، غير قانوني طور تي جوڊيشل ڪميشن اجلاس گهرائڻو به آهي ته وڊيو لنڪ جي سهولت ڏني وڃي.هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل طور پريڪٽس وارو جوڊيشل ڪميشن جو واحد ميمبر آهيان، جوڊيشل ڪميشن جي سينيئر ميمبر کي اجلاس کان آگاهه نه ڪرڻ ڇا ان جي توهين ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو