جسٽس حلالي بطور چيف جسٽس پشاور ڪنفرم ڪرڻ جي منظوري

جسٽس حلالي بطور چيف جسٽس پشاور ڪنفرم ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس مسرت هلالي کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اها سفارش ڪئي وئي.جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج ۽ قائم مقام چيف جسٽس آهي.جسٽس مسرت هلالي جي مقرري جي سفارش اتفاق راءِ سان ڪئي وئي آهي.جسٽس مسرت هلالي جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جي حتمي منظوري ججن بابت پارلياماني ڪميٽي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو