اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو فون هيڪ ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هيڪرز پنهنجي مقصد خاطر فون جو غلط استعمال ڪري سگهن ٿا. فون جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن جسٽس صاحب جي فون تان ڪنهن کي ڪال يا ميسيج موڪليو وڃي ته اهو ڪوڙو تصور ڪيو وڃي.










