نوشهروفيروز(ڊ ر) جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪيهر انصاري سميت جسمم ۽ جسقم جي 10 ڪارڪنن قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گلڻ خان عرف ڪيهر انصاري، ارسلان، عاقب علي، ڪاظم علي، سجاد علي، عرفان، عزادار حسين، جمشيد احمد، افتخار، مزمل وسطڙو چيو ته اسان قومپرست جماعتن کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيون ٿا ڇاڪاڻ ته هنن اسان کي پنهنجي غلط مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. قومپرست تنظيمن سنڌ جي معصوم ماڻهن ۽ خاص ڪري نوجوانن کي خفيه مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ تنظيمن جا ليڊر ٻاهرين ملڪن ۾ رهي ڪري هر طرح جون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن. اسان سڀني نوجوانن کي اپيل ٿا ڪريون ته پنهنجي سڄي توجهه تعليم جي طرف ڏين ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ ڪنهن به زبان يا قوم جي سازشن جو حصو نه بڻجن. اسان سڀ هڪ قوم آهيون ۽ پاڪستاني آهيون اسان يقين ٿا ڏياريون ته پنهنجي وطن سان مخلص رهنداسين اڄ کان پوءِ ڪنهن به قومپرست پارٽي سان ڪو به تعلق نه هوندو.










