جسقم چيئرمين جي گرفتاري ظاهر

جسقم چيئرمين جي گرفتاري ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي کانپوءِ کنڀجي ويل جسقم چيئرمين جي گرفتاري ظاهر، ملير جي گلشن حديد مان کنڀجي وڃڻ جي ٻن ڏينهن بعد ملير ڪينٽ ٿاڻي تي صنعان قريشي جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، ملير ڪينٽ پوليس طرفان جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان، ذريعن جو چوڻ آهي ته بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد جسقم چيئرمين صنعان قريشي سان سندس وڪيل جي ملاقات به ڪرائي وئي، ملير جي سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ٻي قيادت سان گڏ جسقم چيئرمين صنعان قريشي به شريڪ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو