مانجهند (مهراڻ عمراڻي) سن ۾ مختلف قومپرست تنظيمن پاران جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگره ملهائي جلسو ڪرايو ويو جنهن ۾ عورتن سميت هزارن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي. ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه، پير خليل جان سرهندي ، ادريس چانڊيو ،روشن ٻرڙو ۽ ٻين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه صدارتي خطاب ڪندي چيو ته بدقسمتي آھي جو سامراجي قوتن جي ڊڪٽيٽشن تي ملڪ کي هلايو وڃي ٿو غلط پاليسن سبب ملڪ آءِ ايم ايف سميت مختلف بينڪن جو قرضي ٿي ويو آھي ملڪ اقتصادي بحران جي ور چڙھي ويو آھي وفاقي حڪومت ويلفيئر بڻجڻ بجاءِ سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو آھي. هيٺ کان مٿي تائين ڪرپشن جي ور چڙھيل آھي انصاف ناهي، احتساب شفاف ناهي، چور ملڪ لٽي آزاد ٿي ويا، جهموريت ۽ ميڊيا ڪنٽرولڊ ٿي وئي آھي جهموريت ۽ آمريت ۾ قومن کي برابري نه ملي سگهي مذهبي انتها پسندي دهشتگردي کي وڌايو ويو آھي. شاگرد يونين تي پابندي هڻي مدرسن ۾ طالبان پيدا ڪيا پيا وڃن عوام جا حق غضب ڪيا ويا آھن رياستي ادارن جي بد نيتي ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آھي. 2012 ۾ ٻٽو بلدياتي نظام خلاف جدوجهد ڪري رد ڪرايو ٻيهر اهڙي سازش ٿي رهي آھي.

اڳوڻي چيف جسٽس ۽ عام لوگ اتحاد پارٽي جي سربراه وجيه الدين خطاب ڪندي چيو ته ننڍي عمر ۾ سيد والدين جي شفقت کان محروم ٿي ويو سندس ملڪيت عدالت جي نگراني ۾ ھلي وئي تنهن هوندي به خلافت موومينٽ ۾ روح روان رهيو ڪڏهن جناح سان بهتر تعلق ته ڪڏهن وري اختلاف رهيا پر تڏهن اهڙا ماڻھون نه هئا جيڪي سندن اختلاف ختم ڪرائي مسئلا گهٽائين ها. سيد مضبوط ذھن جو مالڪ هو جنهن جدوجهد شروع ڪري ڏني پاڪستان جي خودمختياري ۾ سيد جو اهم ڪردار رهيو. واديءِ مهراڻ جو سرحدون پاڪستان کان ٻاهر ڪابل ندي تائين آھن سنڌ پاڪستان ۽ پاڪستان سنڌ آھي سنڌ پنج هزار سال پراڻي تاريخ رکندڙ آھي بلدياتي نظام ۾ گڏجي بهترين ماڻھون بيهارينداسين عوام کي ساٿ ڏئڻ گهرجي. نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ عبدالحئي بلوچ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو نظام ختم ٿي ويو آھي جنهن سبب انصاف نه ملي سگهندو ملڪ ۾ بحران ئي بحران آھي معاشي جهموري فقدان آھي غير جهموري قوتن قومن کي غلام بڻائي ڇڏيو آھي سنڌ بلوچستان جا وسيلا غضب ڪري برباد ڪري ڇڏيو آھي واڳون ملڪ کي کائي ويا آھن جنهن لاءِ متحده ۽ منظم ٿئڻو پوندوظالم جابر نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي سنڌ بلوچ جو تشخص خطري ۾ آھي سيد ڌرتي سان پيار ڪيو هو سندس رهبري ۾ جدوجهد ڪرڻي پوندي.

ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاه چيو ته سيد ڪڏهن به قوم کي مهڻو نه ڏنو سيد چيو مون سنڌ عوام کي سڃاتو آھي ڀلي قوم نه سڃاڻي سيد جو حسيني رستو آھي سيد اول کان آخر تائين جدوجهد ۾ رهيو رياست جي سليڪٽيڊ حڪمرانن اسٽبليشمينٽ جي ڪارندن غفار خان سيد بزيجي اچڪزئي کي غداري جا لقب ڏنا ڪتابن پمفليٽن تي بندش وڌي وئي هئي وسيلا وڪرو ڪري سياست کي غلام ڪيو. ايس يو پي اڳواڻ غلام شاه چيو ته سائين جي هر عمل سوچ سنڌ لاءِ رهي قومن لاء ملڪ ٺھندا آھن پر ملڪ هڪ قوم لاءِ ٿي ويوملڪ ٺاهيندڙن کي ڏنڊي جي زور ت هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو سيد جو فڪر جو ڇٽيل ٻج پوکجي رهيو آھي. ايس يو پي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو چيو ته سيد جي سالگره کان ڪارڪنن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رهبر جي عاشقن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي پ پ ۽ آمريت به سيد کي سالگره ملهائڻ کان روڪي نه سگهيا سن سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سالگره ڪيڪ ڪاٽيا پيا وڃن سن کي گهيرو ڪرڻ نئين ڳالهه ناهي پوليس کي سياسي بڻائي ڪرپشن ڪرائي ڪمداري ڪرائي پئي وڃي. ايس يو پي ڪارڪنن شھيد ممتاز ڳورڙ ۽ قائم الدين سرڪي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن جنهن لاءِ خاموش نه ويهبو. عوامي تحريڪ جي ڏاڏا قادر رانٽو چيو ته سيد جڏهن سياست جون پهريون وکون کڻڻ وقت ڪجهه به نه هو صرف وڏيرا پير ملان مسلمان جي روپ ۾ حاوي هئا پر سيد پهريون ماڻھون هو جنهن فرسوده رسمن کي ختم ڪرايو سيد سڄي زنده قوم لاءِ وڙھي گذاري مرڻ تائين تڪليفون برداشت ڪيون سندس جدوجهد تي فخرآھي سنڌ جي وڏ وزارتن وزارتن ميمبرن ۾ وڏي تعداد ۾ سيد رهندا اچن پر عوام کي سهي دڳ نه ڏنو اسٽيبلشمينٽ ئي غدار قوت آھي. ان موقعي تي عوامي جهموري پارٽي جي صدر وشنو مل، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ايوب قريشي، عوامي تحريڪ اڳواڻ مظھر راهوجو، دانشور مشتاق ميراڻي، ايس يو پي ليڊيزونگ جي آرگنائيزر شيبا مغل، اعجاز سامٽيو، ادريس چانڊيو امير علي ٿيٻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن شاعر مهر ڊٻائي، عاشق دادوي شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو ان موقعي تي قرارداد پيش ڪندي سنڌ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ سيد جي فڪر هيٺ جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو. ايران ۾ يوڪرين جهاز جي تباهي ۽ انساني المئي تي ڳڻتي جو اظھار ۽ ايران امريڪا اختلاف ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ملڪ ۾ چھرن بجاءِ نظام تبديل ڪيو وڃي ڪنٽرولڊ ميڊيا جهموريت احتساب ختم ڪري بهتر حڪمراني پيدا ڪئي وڃي، غربت گئس لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ڌارين جي آبادڪاري روڪي وڃي، ايس يو پي ڪارڪن شھيد ممتاز ڳورڙ ۽ قائم الدين سرڪي جا قاتل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ، سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر، وائيس چيئرمين سرور خشڪ، پريس ترجمان ديدار شام، اطهر سومرو، جساف مرڪزي آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن سن انڊس هاء وي کان ٻه ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي حاضري ڀرڻ کانپوء سائين جي ايم سيد جي مزار جي سيرانديءَ کان سياسي جلسو ڪيو، جلسي کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ خلاف وفاق جي ٿيندڙ زيادتين، سنڌ جي ڦُرلٽ خلاف، سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ جيل ڪاٽڻ، نظر بند ٿيڻ باوجود به سنڌ جي حقن واري حاصلات جي جدوجهد تان هٿ نه کنيو، سائين جي ايم سيد قومپرست سياست کي راھِ نجات سمجهيو، سائين جي ايم سيد سٺ کان مٿي ڪتاب لکي پنهنجي تحرير ۾ سنڌ سان محبت ڪرڻ ۽ سنڌ جي آجپي جو درس ڏنو، سائين جي ايم سيد هن ملڪ جو بانيڪار هو، ان جڏھن سنڌ جا وسيلا سنڌ کان کسجندي ڏٺا، ته سيد پنهنجو راهو الڳ ڪيون اڄ به سنڌ ۾ سنڌين کي پنهنجا بنيادي حق نٿا ملن پ پ پ ۽ وڏيرن گڏجي سنڌ جي ڀينگ ڪئي آھي سنڌين هنن تي اعتماد ڪري ووٽ ڏنو پر هنن اقتدار ملڻ کانپوء سنڌ جو ناڻو ڦُرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. هن چيو ته پ پ پ جي بدترين حُڪمراني خلاف سنڌ ۾ جلد تحريڪ هلائي ويندي سنڌ دنيا کي پالڻ جي سگھ رکي ٿي پر سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري سنڌين کي ٻه ويلا ماني کائڻ لاء پريشان ڪيو ويو آھي سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏئي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون پر سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ روزگار نٿو ڏنو وڃي هن سنڌ جي اردو آباديءَ سان مخاطب ٿيندي چيو ته اردو آباديءَ کي هاڻ ڪراچي اور سنڌ وارو اصطلاح دماغ مان ڪڍي سنڌي قوم ۾ ضم ٿي کين سنڌ کي پنهنجو ماءُ سمجهي پاڻ کي سنڌي سڏرائين، 2020 سال کي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ بشير خان قريشي جي جدوجهد جو سال ڪري ملهايو ويندو. جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي جي وسيلن جي مالڪي جي ڳالھ ٿا ڪريون ته غدار چئي کنڀي گُم ڪيو وڃي ٿو، ڏاڍ ۽ جبر سان قومي تحريڪ کي ماٺو نٿو ڪري سگهجي، پ پ پ سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪري رهي آھي، پ پ پ شھيد بشير خان قريشيءَ جي قتل جي ايف آء آر به داخل ٿيڻ نه ڏني، سنڌ ۾ جيڪو لاقانونيت جو راڄ آھي، ان جي ذميوار پ پ پ آھي.

جسقم جي وائيس چيئرمين سرور خشڪ خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر عدم تشدد جي پاليسي اختيار ڪندي سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪريون ٿا ته ڪارڪنن کي جهڪائڻ لاء مختلف حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ کي الله تعالي سمورين نعمتن سان نوازيو آھن ان باوجودن لاچاري ۽ ويچاري زندگي گذاري رهيا آھيون، سنڌ جا حق وٺڻ لاءِ اسان کي متحد ٿيڻ پوندو. جسقم جي مرڪزي ترجمان ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته اسان کي کنڀي گُم ڪرڻ سان سائين جي ايم سيد جو فڪر ختم ناهي ٿيڻو. جساف جي مرڪزي آرگنائيزر اشرف ڪلھوڙي خطاب ڪندي چيو ته شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي تعليمي ادارن اندر سنڌي نياڻين کي جنسي حراسان ڪيو وڃي ٿو، ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌين کي داخلا نٿي ڏني وڃي، ڊائو يونيورسٽي انتظاميا جو سنڌيءَ شاگردن سان تعصب وارو رويو ڪنهن به طرح برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، جلسي کي ڏاڏو اطهر سومرو، انور چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻئي طرف جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان قومي جوش جذبي سان ملهائي وئي. سوڀ قمر ڀٽي، نواز خان زئنور، شبير جمالي، خالق خاصخيلي، سورهيه سنڌي، محمد علي خشڪ، دودو ديشي، وائس آف مسنگ پرسن اڳواڻ تنوير آريجو، سنڌو امان چانڊيو، سسئي لوهار، حسين قمبراڻي ۽ انور بڙدي جي اڳواڻي ۾وڏي تعداد ۾ عورتن سميت ڪارڪن انڊس هاءِ وي کان ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھي سالگره جو ڪيڪ گڏجي ڪاٽيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جديد قومپرست سياست جو خالق ۽ تصور ڏيندڙ ھيو هو سنڌيت جي وڃايل وجود کي جياريو سندس فڪر عالمي طور مڃتا ماڻي چڪو آھي سيد اقتدار ۾ نه هوندي به سماج جي شعبن ۾ زوردار اثر وڌو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌاندر قومي شعور سياسي جدوجهد جو نتيجو آھي سيد لطيف کان پوءِ قوم جي رهنمائي ڪئي سندس سياست ۾ ڪردار ڪنهن مسيحا کان گهٽ نه هو سنڌ هن وقت گهڻ رخي سازشن جو شڪار آھي سنڌو درياءَ تي بند ٻڌي شھ رڳ ڪاٽڻ جي ڪوشش ٿئي پئي جنهن سبب سنڌي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن جنهن ڪري سيد جو فڪر ئي واحد ذريعو آھي سيد جي فڪر کي عملي صورت لاءِ ٻڌي ۽ اتحاد جي سخت ضرورت آھي. سيد جي پيروڪارن کي اپيل ڪجي ٿي ته هڪ پليٽ فارم تي متحده ٿي جبر ڏاڍ جو مقابلو ڪيون. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل جست اڳواڻ عبدالفتاح چنه، مسعود شاه ۽ ٻين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.










