ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي سائنسدانن هڪ ڪاربان فائبر پلاسٽڪ ڪمپوزٽ تيار ڪيو آهي، جيڪو نه رڳو چمڙي وانگر زخم کي ڀريندو ۽ مرمت ڪندو، پر گرمي سان پنهنجي اصل شڪل ٻيهر حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ مضبوطي ۾ اسٽيل کان به وڌيڪ بهتر آهي. هي نئون پراڊڪٽ، جنهن کي ايريماٽڪ ٿرماسٽنگ ڪوپوليسٽر (ATSP) سڏيو وڃي ٿو، روايتي پلاسٽڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پائيدار متبادل پيش ڪري ٿو. هي نئون ري سائيڪل ٿيڻ وارو مواد، جيڪو هڪ ترقي يافته ڪاربان فائبر پلاسٽڪ ڪمپوزٽ آهي ۽ ايريماٽڪ ٿرماسٽنگ ڪوپوليسٽر (ATSP) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ٽيڪساس اي اينڊ ايم يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽلسا جي محققن پاران تيار ڪيو ويو آهي. هي ريسرچ آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس پاران فنڊ ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽر محمد نراگهي، جيڪو ٽيڪساس اي اينڊ ايم ۾ ايروسپيس انجنيئرنگ جو پروفيسر ۽ نينو اسٽرڪچرڊ ميٽيريلز ليب جو ڊائريڪٽر آهي، جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي آهي. نراگهي چيو: “حقيقي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هي مواد صرف انتهائي پائيدار آهي ،اهو موافق به آهي. نقصان رکندڙ جهازن ۾ فوري مرمت کان وٺي گاڏين ۾ مسافرن جي حفاظت وڌائڻ تائين، هي خاصيتون ان کي مستقبل جي ميٽيريلز ۽ ڊيزائن جدت لاءِ بيحد قيمتي بڻائين ٿيون۔”تحقيق موجب هي مواد جنهن گاڏي يا جهاز ۾ لڳل هوندو، اهي حادثي جي صورت ۾ خود بخود ٺيڪ ٿي سگهندو ۽ هادثي جي صورت ۾ مسافرن کي نقصان نه پهچندو.
هي تحقيق Macromolecules ۽ Journal of Composite Materials ۾ شايع ٿي آهي.










