جج وڊيو ڪيس: ايف آءِ اي پنهنجي آفيسرن تي ڏمرجي پئي

جج وڊيو ڪيس: ايف آءِ اي پنهنجي آفيسرن تي ڏمرجي پئي

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي صلاح مطابق جج ارشد ملڪ وڊيو ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 03 ملزم بري ٿي وڃڻ بعد ايف آءِ اي اختيارين سائبر ڪرائيم ڪورٽ کي استدعا ڪئي آهي ته ايف آءِ اي جي لاڳاپيل عملدارن خلاف ئي ڪارروائي ڪئي وڃي. ”ڊان“ اخبار جي رپورٽ مطابق سائبر ڪرائيم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل چارج شيٽ ۾ ايف آءِ اي طرفان پراسيڪيوٽر سميت پنهنجي 04 آفيسرن مٿان جج ارشد ملڪ جي مبينا غيراخلاقي وڊيو متعلق ڪيس جي جاچ ۾ غفلت ڪرڻ جو الزام لڳائيندي قانوني ڪارروائي جي درخواست ڪئي آهي. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا ڏيندڙ احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ هڪ وڊيو ۾ اعتراف ڪيو هو ته کيس هڪ غيراخلاقي وڊيو جي بنياد تي نوازشريف خلاف فيصلو ڏيڻ لاءِ بليڪ ميل ڪيو ويو. انهيءَ ڪيس جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي ناصر جنجوعه، مهر غلام جيلاني ۽ خرم يوسف کي گرفتار ڪيو هو جيڪي بري ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو