ججن ۾ جهيڙو ڪرائڻ ن ليگ جو پراڻو حربو آهي:جماعت اسلامي اڳواڻ

ججن ۾ جهيڙو ڪرائڻ ن ليگ جو پراڻو حربو آهي:جماعت اسلامي اڳواڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو چيو آهي ته حڪومتي اتحاد عوام کي مهانگائي جي سونامي ۾ غرق ڪرڻ، کان پوءِ هاڻي پنهنجي چوري جي دولت کي بچائڻ ۽ چونڊن کان فرار اختيار ڪرڻ لاءِ عوام جي اُميدن جي آخري مرڪز عدليه مٿان حملي آور آهي، ججن ۾ جهيڙو ڪرائڻ نواز ليگ جو پراڻو حربو آهي، پنهنجي ڪيسن ۾ نرمي لاءِ عدالتن مٿان حملو ڪرڻ هنن جي عادت آهي، افسوس پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ پڻ ان عمل ۾ شامل ٿي چڪيون آهن، ووٽ کي عزت ڏيو وارو نعرو دفن ٿي چڪو، عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جي جن حوالي ڪري هاڻي حڪمران ٽولو چونڊن کان فرار اختيار ڪرڻ لاءِ عدليه مٿان حملي آور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران رٿيل ٻه روزه ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ممتاز حسين سهتو وڌيڪ چيو ته 22 ڪروڙ عوام، ايٽمي پروگرام، قيمتي معدني ذخيرن، زراعت ۾ خودڪفيل، بي پناه آبي وسيلن ۽ سڀ کان وڌيڪ 65فيصد نوجوانن تي مشتمل آبادي وارو ملڪ هئڻ باوجود اڄ حڪمرانن جي نااهلي، ڪرپشن ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي جي ڪري عوام سخت عذاب ۾ مبتلا ۽ ملڪ بحرانن جي وَر چڙهيل آهي جنهن جي ذميواري ستن ڏهاڪن کان ملڪ مٿان ٿاڦيل نام نهاد حڪمران ۽ اسٽيبلشمنٽ آهي جن عوام کي بدحال ۽ ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.پي ڊي ايم ، پي ٽي آئي عوام کي يرغمال بڻايو آهي پاڪستان جو سياسي، معاشي بحران ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ اسلام جو آفاقي نظام نافذ ڪرڻو پوندو نه هي ملڪ صوماليا بڻجي ويندو. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي جمعيت اتحاد العلماءَ ڪراچي جي صدر مولانا عبدالوحيد چيو ته اڄ انسانيت، مهانگائي، بيروزگاري، بُک بدحالي ۽ ڪرپٽ اشرافيه جي ظلم سبب سخت اذيت جو شڪار آهي، ظالم حڪمران پنهنجي عياشين ۽ پرڏيهه ۾ اثاثا جوڙڻ لاءِ بيروني قرض حاصل ڪري عوام مٿان ڳرا ٽيڪس، بجلي، پيٽرول، گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. سنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان لڳاتار پ پ حڪمران رهي آهي، پر اڄ شاهوڪار سنڌ جا ماڻهو بُک سبب ٻچن سميت آپگهات ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، مردن کان پوءِ هاڻي عورتن کي به اغوا ڪيو پيو وڃي جيڪا ڳالهه سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي منهن تي چماٽ آهي، ڪرپٽ آفيسر شاهي، وڏيرن ۽ سردارن حڪومتي آشيرواد سان عوام مٿان ظلم جي بازار گرم ڪري رکي آهي ۽ ماڻهن کي غلام بڻائي رکيو اٿن، عوام کي ظالم وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن کان نجات ۽ ملڪي ترقي توڙي پنهنجي ايندڙ نسلن جي تحفظ لاءِ هاڻي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏيڻو پوندو. ورڪشاپ کي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا آفتاب ملڪ، فيصل شيخ، مولانا ثناالله رحماني سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو