ججن جي سياسي ۽ ڊپلوميٽڪ فنڪشنز ۾ شرڪت اجازت سان مشروط

ججن جي سياسي ۽ ڊپلوميٽڪ فنڪشنز ۾ شرڪت اجازت سان مشروط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم جوڊيشنل ڪائونسل ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ (اخلاقي ضابطي) ۾ ترميمون ڪري ڇڏيون.ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جو اطلاق هاڻي وفاقي آئيني عدالت ۽ وفاقي شرعي عدالت جي ججن تي به ٿيندو.ترميم بعد، جج صرف سياسي ۽ ڊپلوميٽڪ (سفارتي) فنڪشنز ۾ شرڪت چيف جسٽس جي اجازت سان ڪري سگهندا، جڏهن ته ججن جي ٻين فنڪشنز ۾ وڃڻ تي پابندي نه هوندي. ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 15 جي پيراگراف 2 ۽ 3 ۾ ترميم ڪري وفاقي آئيني عدالت جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت ججن جي سوشل، ڪلچرل، پوليٽيڪل ۽ ڊپلوميٽڪ فنڪشنز ۾ شامل ٿيڻ تي پابندي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو