اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران عدالتي معاملن ۾ من پسند فيصلن لاءِ انٽيليجنس ادارن جي مداخلت بابت خط جي جاچ لاءِ نيڪ نام رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان قانون واري وزيراعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن ٻڌايو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خواهش تي وزيراعظم ملاقات جو فيصلو ڪيو. ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات هو پاڻ ۽ اٽارني جنرل به موجود هو، جڏهن ته چيف جسٽس سان گڏ سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه به موجود هو. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيو ته عدالتي معاملن ۾ انٽيليجنس ادارن جي مداخلت بابت خط جي جاچ ڪرائي ويندي. اسين ڪميشن جا ٽرمز ۽ ريفرنس تيار ڪري سڀاڻي ڪابينا ۾ پيش ڪنداسين ۽ ڪابينا جي منظوري بعد ڪميشن جاڄ ڪندي. جاچ جي دائري، واسطيدار ججن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ سميت مختلف معاملن جا جواب هو گول ڪري ويو. قانون واري وزير چيو ته وزيراعظم چيو آهي ته عدليه جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سڀني ادارن کي پنهنجي آئيني داعري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪو خط آيو اهو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪافي مشهور ٿيو آهي، خط ۾ ڄاڻايل واقعا پراڻا آهن ۽ ان وقت ئي اهو معاملو اٿاريو وڃي ها ته بهتر هو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جي علم ۾ معاملو هو پر هن وقتائتو قدم نه کنيو. هن چيو ته هي انگين معاملو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪري. ياد رهي ته خط ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن چيو هو ته ڪوڊ آف ڪانڊڪٽ ۾ عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي ججن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان بابت گائيڊ لائين ناهي ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل ان ڏس ۾ رهنمائي ڪري. خط ملڻ بعد چيف جسٽس مسٽر عيسيٰ فل ڪورٽ اجلا س اربع تي گهرايو هو جنهن جو ڪو فيصلو سامهون نه آيو. ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته جاچ ڪميشن جوڙڻ مان لڳي ٿو حڪومت معاملي کي اينگهائڻ چاهي ٿي. اصل سوال اهو آهي ته عدليا ۾ مداخلت ڪندڙن کي سزا ڏيڻ بابت فيصلو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل يا فل ڪورٽ کي ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن ان ڏس ۾ عدالت ڪو فيصلو نٿي ڪري ته اصل سوال حل طلب ئي رهندو. سڄي ملڪ جي وڪيلن جي تنظيمن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو هو ته ازخود نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪري ۽ معاملي جو حل ڳوليو وڄي ۽ مداخلت ڪندڙن کي سزا ڏني وڄي. ڪجهه وڪيل اڳواڻن جسٽس شوڪت صديقي واري ڪيس ۾ ذميوارن کي سزا نه ڏيڻ بابت قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي تي تنقييد ڪئي آهي ته جڏهن شوڪت صديقي جو موقف درست آهي ته پوءِ ذميوارن کي سزا ڇو نه ڏني وئي؟
مشهور خبرون










