جتوئي ۽ ٻين خلاف نيب ڪيس جي سماعت ملتوي

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي هڪ احتساب عدالت اختيارن جي ناجائز استعمال واري نيب جي ريفرنس تي ٻڌڻيءَ دوران اڪثر جوابدار پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جواظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڄ رڳو لياقت جتوئي عدالت ۾پيش ٿيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي ۽ ٻين خلاف نيب جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدارن جي عدم پيشيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي عدم پيشيءَ جي حوالي سان به جواب جمع نه ٿيو ۽ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. اُن ڪيس ۾لياقت جتوئي، يوسف ميمڻ ۽ غلام نبي مڱريو بريت لاءِ درخواست پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، نيب ٽنهي جوابدارن جي بريت واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي. نيب عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدارن خلاف پڪا ثبوت موجود آهن ۽ ٽرائل شروع ٿيڻ تي ثبوت پيش ڪيا ويندا. ٻڌڻيءَ دوران لياقت جتوئيءَ کانسواءِ ٻيا جوابدار پيش نه ٿيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي 22 مارچ تي مقرر ڪندي سمورن جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو