جاگيراڻي برادري پاران زوري  وڻن جي واڍي  خلاف احتجاج

جاگيراڻي برادري پاران زوري وڻن جي واڍي خلاف احتجاج

لکي غلام شاھ (رپورٽ نثارمنگي) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ نهال خان جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو. ھنن الزام ھڻندي چيو ته ايم پي اي محمد شھريار خان مهر جي بڇ تي منشي ربن مهر اسان جي زمين تي بيٺل ٽاري جا قيمتي وڻن جي واڍي ڪرائي کڻي ويو آھي جن جي ماليت 8 لک کان وڌيڪ آھي. منظور جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين ۾ منظور جاگيراڻي،مکڻ جاگيراڻي، بشير،مهر دل،مرزا، جعفر،مختيار، علي حسن، ميرخان جاگيراڻي ساجن جاگيراڻي ۽ ٻين احتجاج دوران چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي منشي ربن مهر ايم پي اي محمد شھريار خان مهر جي چوڻ تي منشي ربن مهر،لطيف مهر،قدير مهر،ببلومهر،غلام نبي مهر،يامين مهر ۽ ٻين اسان جي زمين مان رات جي ٽائيم ٽارين جي قيمتي وڻن جي واڍي ڪرائي کڻي وڪرو ڪيا آھن جن جي ماليت لکين روپيا آھي اسان آء جي سنڌ. ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور ڊي جي رينجرس ۽ ھائي ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو