غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ڪچي جي علائقي دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ جيند جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو ٿيو آھي . ٻنھي ڌرين ھڪٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا آهن. گوليون لڳڻ سبب نوجوان سراج جاگيراڻي ٿڏي تي مارجي ويو. ٻئي طرف گوليون لڳڻ سبب فضل الدين جاگيراڻي سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن. اطلاع ڏيڻ باوجود حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي. ٻنھي ڌرين ۾ ھن وقت وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ آھي. ياد رھي ته جاگيراڻي برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ 2 سال اڳ چوپايو مال جي چوري تان جھيڙو شروع ٿيو ھو ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا 5 ڄڻا مارجي چڪا آھن.










