جاچ دوران ايف آءِ اي جو رويو اڍنگو آهي، شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شھباز شريف طرفان ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم مٿان کيس هراسان ڪرڻ جا الزام ھنيا آھن. اهڙو اظهار هن لاهور جي عدالت ۾ عبوري ضمانت م واڌ جي ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ايف آءِ اي جي ٽيم ساڻس غيرمناسب رويو رکيو، عملدار اڍنگي لهجي ۾ ڳالهائي رهيا هئا، جاچ ٽيم جو رويو مون کان برداشت نه ٿيو، ايف آءِ اي جا آفيسرز وڏا ٽهڪ ڏئي مذاق اڏائي رهيا هئا، نيب کان پوءِ ايف آءِ اي کي مون خلاف ڪوڙا ڪيس ڏنا ويا، ايف آءِ اي آڏو به سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهيان. عدالت سحباز شريف ۽ حمزه شهباز جي مني لاندرنگ واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 2 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ايف آءِ اي لاهور،  شهباز شريف جي عدالت ۾ ڏنل بيان تي رد عمل ۾ چيو آهي ته شهباز شريف کي حراسان ناهي ڪيو ويو، ترجمان ايف آءِ اي لاهور طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف کي حراسان ڪرڻ يا بدتميزي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هن کي وڏي عزت سان آندو ويو، جاچ دوران چانهه ۽ ڪافي به پيش ڪئي وئي پر هو ڪنهن به سوال جو سنجيده جواب ناهي ڏيندو، ترجمان جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان سوال اڪائونٽس ۾ اربين روپيا رقم جمع هجڻ جو ڪيون ٿا ته جواب ڏيندو آهي هن ميٽرو بس ۽ اورنج لائن ٽرين هلائي، هن کان پڇون ٿا ملازمن اربين روپيا توهان جي فيملي جي اڪائونٽس ۾ ڪيئن جمع ڪرايا ته چوي ٿو هن پنجاب جي وڏي خدمت ڪئي، ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان سوال ٿا ڪيون ته گاڏيون ۽ پراپرٽي توهان ڪيئن ٺاهيون؟ ته هي جواب ڏيندو آهي منهنجي ٻارن کان وڃي پڇو، ٻاهرين ملڪن کان اربين رپيا موڪليا ويا جي باري ۾ سوال ڪيون ٿا ته شهباز شريف چوي ٿو هن جو وڪيل جواب ڏيندو، شهباز شريف اهڙي طرح جا جواب ڏئي ٿو ۽ وري چوي ٿو ته سوال ۽ جواب ظاهر به نه ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو