ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپان جي اوڀر ۾ گادي واري شهر ٽوڪيو جي ويجهو چيبا صوبي ۾ رڪارڊ برسات سبب گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي ويا آهن.
اختيارين پاران ”بي مثال“ قرار ڏنل برسات سبب 20 هزار کان وڌيڪ گهرن جي بجلي بند ٿي وئي، جڏهن ته ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ تي لڳ ڀڳ 7 هزار مسافر رات گذارڻ تي مجبور ٿي ويا.
مقامي اختيارين خميس ڏينهن ليول 5 ايمرجنسي وارننگ جاري ڪئي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سطح آهي. جمعي جي صبح ان کي گهٽائي ليول 4 ڪيو ويو، پر اختيارين اڃا تائين لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جي خطرن بابت خبردار ڪري رهيا آهن.
هي شديد برسات جاپان ۽ پاڙيسري ملڪن مان هن هفتي گذرندڙ طوفانن جي هڪ سلسلي کان پوءِ آئي آهي، جڏهن ته اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته هن سال ٽائيفون جو موسم غيرمعمولي طور تي سرگرم رهندو.
جاپان جي موسميات کاتي موجب، تازي شديد برسات گرم ۽ نمي واري هوا جي جاپان جي اوڀر طرف اچڻ سبب ٿي، جيڪا مٿان موجود ٿڌي هوا سان ملي وئي ۽ نتيجي ۾ فضائي حالتون انتهائي غير مستحڪم ٿي ويون. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جمعي جي رات دير تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
چيبا جي گورنر توشي هٽو ڪُماگائي جمعي جي صبح صحافين کي ٻڌايو: ”جاپان جي تاريخي موسمي معيارن مطابق به هي صورتحال انتهائي غيرمعمولي هئي. مون ماضي ۾ ڪيترين ئي قدرتي آفتن کي منهن ڏنو آهي، پر اهڙي صورتحال ڪڏهن به نه ڏٺي.“
اختيارين موجب، ٽوڪيو سان لڳندڙ چيبا ۾ خميس جي منجهند کان وٺي هڪ ڪلاڪ اندر 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هي آگسٽ مهيني جي اوسط برسات کان لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ ملڪ ۾ رڪارڊ ڪيل برسات جو سڀ کان وڏو مقدار آهي.
سرڪاري نشرياتي اداري NHK، ڪيوڊو نيوز ايجنسي ۽ اخبار اساهي جي رپورٽن موجب، گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
اختيارين ٻڌايو ته فوت ٿيلن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، جيڪا ٻوڏ واري روڊ تي پاڻي ۾ ٻڏي ويل پنهنجي ڪار اندر فوت ٿي وئي. ٻن ٻين ماڻهن جي روڊن تي اوچتو حالت خراب ٿي ۽ بعد ۾ انهن دم ڏنو.
جمعي جي صبح تائين ڪيترين ئي ريل سروسز کي معطل رکيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه اهم شاهراهون پڻ بند آهن.
برسات سبب لينڊ سلائيڊنگ ۽ بجلي جي بندش کان پوءِ خميس ڏينهن هڪ لک کان وڌيڪ گهرن جي رهواسين کي لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
ناريتا ايئرپورٽ جي ترجمان موجب، جمعي ڏينهن سموريون اڏامون معمول مطابق هلائڻ لاءِ مقرر آهن. قومي فضائي ڪمپني جاپان ايئر لائنز چيو آهي ته ڪجهه اڏامون دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، پر اڏامون رد ٿيڻ جو امڪان ناهي.
مسافر ميٽرو اسٽيشنن تي ڦاٿل رهيا، جڏهن ته لڳ ڀڳ 1,800 ماڻهن چيبا صوبي جي سرڪاري عمارت ۾ رات گذاري.
هن چيو: ”بجلي بند آهي، تنهنڪري مان پريشان آهيان ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجو ڪاروبار کولي سگهنديس يا نه.“
فلپائن ۾ به ٻوڏ جو خطرو
ٻئي طرف فلپائن ۾ اختيارين ملڪ جي اترين علائقن جي اڪثر حصن ۾ ٻيهر اسڪول ۽ سرڪاري آفيسون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو سبب ٻوڏ جو خطرو ٻڌايو ويو آهي.
هن هفتي جي شروعات ۾ جاپان، فلپائن ۽ چين هڪ ئي وقت علائقي مان گذرندڙ لڳاتار طوفانن—ڊولفن، چان هوم ۽ پيلائو—جي اثر هيٺ آيا.
ڊولفن طوفان جاپان جي اوڪيناوا ٻيٽ تي شديد برسات آندي، جنهن سبب هزارين عمارتن جي بجلي بند ٿي وئي، وڻ ڪري پيا ۽ ڪيتريون ئي اڏامون منسوخ ڪيون ويون.
گذريل هفتي جي آخر ۾ چين جي اختيارين 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي سندن گهرن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو، جڏهن ته ڊولفن طوفان، جيڪو هن سال چين ۾ آيل سڀ کان طاقتور ٽائيفون قرار ڏنو ويو، ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ زمين سان ٽڪرايو.










