جاويد لطيف چوڏنهن ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل منتقل

لاهور (ويب ڊيسڪ)  مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل  اماڻيو ويو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف جو ريمانڊ ختم ٿيڻ تي کيس اڄ عدالت م پيش ڪيو ويو.ليگي اڳواڻ جي خلاف بغاوت واري ڪيس تي ٻڌڻي ماڊل ٽائون ڪچهري ۾ ٿي. عدالت جاويد لطيف کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ جاويد لطيف کي 26 مئي تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالتي حڪم کان پوءِ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف کي ڪوٽ لکهپت جيل منتقل ڪيو ويو. ان کان اڳ جاويد لطيف کي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت آندو ويو. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي (ن) ليگي ڪارڪنن طرفان پنهنجي اڳواڻ جو زبردست استقبال ڪيو ويو.عدالت ۾ جاويد لطيف جي اچڻ تي(ن) ليگي ڪارڪنن طرفان گاڏي تي گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون ۽ جاويد لطيف جي حق ۾ نعرا لڳايا ويا.پوليس جي وڏي نفري ماڊل ٽائون ڪچهري جي احاطي ۾ موجود هئي. جڏهن ته ڪچهري جي اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.عدالت ۾ پيشي دوران جاويد لطيف چيو ته عدالت کان پڇان ٿو ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ پنجاب جي ماڻهن کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي. اسان کي ڳالهائڻ تي غدار چيو ويندو آهي. اسان کي پنهنجي گهر کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو