جاويد شيخ. اداڪارا ميرا جو عجيب قصو ٻڌائي ڇڏيو

جاويد شيخ. اداڪارا ميرا جو عجيب قصو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار جاويد شيخ اداڪاره ميرا بابت ماضي جو هڪ دلچسپ قصو ٻڌايو. هڪ نجي ٽي وي جي عيد اسپيشل شو ۾ سينيئر اداڪار جاويد شيخ، ريمبو ۽ ٻين اداڪارن شرڪت ڪئي، جتي انهن عيد جون خوشيون ملهايون ۽ ماضي جا قصا ياد ڪيا. ميزبان پاران پڇيو ويو ته فلمن ۾ سڀ کان وڌيڪ ري ٽيڪس (يعني ساڳيو سين ٻيهر رڪارڊ ڪرائڻ)ڪهڙي اداڪاره وٺندي هئي، جنهن تي سڀني اداڪارن ميرا جو نالو ورتو ۽ قصا به ٻڌايا. هڪ قصو ٻڌائيندي اداڪار ريمبو چيو ته ميرا اوچتو مونجهاري ۾ اچي ويندي هئي ۽ چوندي هئي، ”اسڪرپٽ ۾ اڳتي ڇا آهي، هلو اهو وري ڪيون.“اداڪار سعود وڌيڪ ٻڌايو ته اسان مالديپ ۾ هئاسين، ۽ کيس هڪ ڀت جي سامهون ڊانس شاٽ ڏيڻو هو، هوءَ هيٺ ڪري پئي، جنهن کان پوءِ اسان سڀ ڊڄي وياسين ۽ پريشان ٿياسين، پوءِ ڏٺو ته ميرا وري اٿي، پنهنجا ڪپڙا صاف ڪيا ۽ چيائين، ”هلو وري ڪريون ٿا.“ پروگرام ۾ شامل جاويد شيخ به هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته مان ترڪي ۾ ’چيف صاحب‘ جي شوٽنگ ڪري رهيو هوس، ميرا هڪ امير ماڻهو جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي، جيڪو آصف خان ادا ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته مون ميرا کي چيو ته جينز ۽ شرٽ پائڻيون آهن پر هوءَ پنهنجي مرضي سان اسڪرٽ ۽ شرٽ پائي آئي جنهن تي مون کي ڏاڍو غصو آيو، مان پنهنجي اسسٽنٽ سان ٻي سين تي ڳالهائڻ لڳس ته اوتري ۾ ميرا پاڙيسرين جي گهر مان جينز ۽ شرٽ پائي آئي، جنهن تي اسسٽنٽ مون کي ٻڌايو ته هوءَ پاڙيسرين وٽ وئي هئي ۽ هڪ ڇوڪري کان جينز ۽ شرٽ گهرائي پائي آئي. جاويد شيخ جو هي ماضي جو قصو ٻڌي پروگرام ۾ ويٺل ماڻهو کلڻ لڳا.

پهنجو تبصرو موڪليو