اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ميمبرن جاويد اقبال کي لاپته ماڻهو ڪميشن جي سربراهي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو سينيٽ ميمبرن جاويد اقبال کي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو ٺهراءُ تي سينيٽر سليم مانڊوي والا سميت سمورين پارٽين جي ميمبرن جون صحيحون موجود آهن ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته غائب ماڻهو ڪميشن جو عهدو هڪ حساس عهدو آهي جنهن شخص تي جنسي حراساني جو الزام هجي اهو ڪميشن جي سربراهي ڪيئن ڪري سگهي ٿو ٺهراءُ مطابق حڪومت جاويد اقبال جي خلاف الزامن لاءِ پهريان ئي ڪميشن بڻائي ورتو آهي ٺهراءُ مطابق جاويد اقبال کي غائب ماڻهو ڪميشن جي چيئرمين شپ تان فوري طور تي هٽايو وڃي.










