جان ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ پوليس اهلڪار وارداتن ۾ ملوث

جان ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ پوليس اهلڪار وارداتن ۾ ملوث

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ايئرپورٽ ٿاڻي تي عوام جي جان ۽ مال لاءِ حفاظت لاءِ مقرر ٿيل پوليس اهلڪار بشير احمد زرداري، تيمور رشيد دائودي ۽ نامعلوم پوليس اهلڪار موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ واري وارداتن ۾ ملوث نڪتا. ايس ايڇ او ايئرپورٽ مقصود رضا مڱڻهار ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ميونسپل هاءِ اسڪول نوابشاهه ٻاهران موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيا ته ان ۾ سندس ئي ٿاڻي جا ٻه پوليس اهلڪار بشير احمد زرداري ۽ تيمور رشيد  دائودي موٽر سائيڪل چوري ڪندي نظر آيا جنهن بعد ايس ايچ او مقصود رضا مڱڻهار ٻن پوليس اهلڪار بشير احمد زرداري ۽ تيمور رشيد دائودي کي گرفتار ڪري مٿن موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪري سندن ٽن ڏينهن جو پوليس رمانڊ ورتو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ايس ايڇ او مقصود رضا مڱڻهار ٻڌايو ته شرم جي ڳالهه آهي جو منهنجي ٿاڻي جا پوليس اهلڪار موٽر سائيڪلون چوري ڪرڻ ۾ ملوث نڪتا آهن ۽ اسان سي سي ٽي وي فوٽيجز ڏٺا ته منهنجي ئي ٿاڻي جا ٻه پوليس اهلڪار بشير احمد زرداري، تيمور رشيد دائودي ۽ هڪ نامعلوم پوليس اهلڪار موٽر سائيڪل چوري ڪندي نظر آيا ۽ هي هڪ وڏو گروهه آهي جيڪو پوليس کاتي کي بدنام ڪري رهيو آهي ۽ اسان مٿن ڪيس داخل ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏينداسين. هوڏانهن موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ٻئي پوليس اهلڪار ميڊيا کي ڏسي ڪنڌ شرم کان هيٺ جهڪائي رهيا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو