ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته صحافين جو ڪي ٽي اين جي چيف رپورٽر وحيد راجپر،صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد سربازي ، غازي جھنڊير ،عاجز جمالي ،اڪرم بلوچ،حميد سومرو، آصف محمود، قاضي آصف، قاضي حسن، ارباب چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ صحافي اسد طور جي آزادي لا۽ اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو،صحافين جي احتجاج ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن شرجيل انعام ميمڻ ،ناصر شاھ،ضيا۽ لنجار ۽ ٻين پريس گيلري پھچي احتجاج ڪندڙ صحافي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون شرجيل ميمڻ چيو ته شهيد صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو،وارثن کي ملندڙ ڌمڪين جي مونکي ڪابه خبر نه هئي مان هينئر ئي ڊي آءِ جي سکر سان ڳالهايان ٿو ۽ سيڪيورٽي جو مسئلو به حل ڪرايون ٿا،وحيد راڄپر چيو ته جان محمد جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو قاتل شھيد جي وارثن کي ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، شھيد جان محمد مھر قتل ڪيس لاءِ 3 جي آءِ ٽيز ٺهيل آهن پر 7 مهينن تائين ڪو به اجلاس نه ٿيو آهي،موٽ ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته مان شهيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوبه ٽائيم فريم نه ڏيندس پر قاتل ڪٿي به هجن هر صورت ۾ قاتل گرفتار ٿيندا.










