ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) مير جان محمد جمالي بنا مقابلي بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. بلوچستان عوامي پارٽي بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جي خالي ٿيل سيٽ لاءِ سينيئر اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر مير جان محمد جمالي کي نامزد ڪيو هو. سيڪريٽري اسيمبلي چيو ته اسپيڪر طور مير جان محمد جمالي جي ڪاميابي جو اعلان اڄ 3 وڳي ڪيو ويندو. مير جان محمد جمالي جو شمار صوبي جي سينيئر سياستدانن ۾ ٿئي ٿو .هو 1998ع ۾ بلوچستان جو وڏو وزير ۽ 2006ع ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين رهيو .مير جان محمد جمالي 2013ع ۾ به بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو. عبدالقدوس بزنجو جي استعيفيٰ کانپوءِ اسپيڪر بلوچستان جي سيٽ خالي ٿي هئي، عبدالقدوس بزنجو گذريل ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو هو.










