جاتي بچايو ڪاميٽيءَ جي سڏ تي شهرين جو احتجاج

جاتي بچايو ڪاميٽيءَ جي سڏ تي شهرين جو احتجاج

جاتي ( ڊ ر سنڌ يار ) اولڊ هاءِ اسڪول جاتي ۽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي جو 9 سالن کي رڪيل تعميراتي ڪم مڪمل نہ ٿيڻ خلاف جاتي بچايو ڪاميٽي طرفان مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ جسقم، ايس ٽي پي، شهري ايڪشن ڪاميٽي، پ پ شهيد ڀٽو ۽ قومي عوامي تحريڪ سميت شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن وفا شاهہ، عادل لغاري، اشرف ٿهيم، سائين عبدلله کٽي، بابو ٿهيم، شان قريشي، رئوف سنڌي، جيئم کٽي،علي اڪبر هنڱورو جيئم کٽي چيو تہ ”2013 کان اولڊ بوائز هاءِ اسڪول ۽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول جاتيءَ جي تعميرات لاءِ وقتن بوقن ڪروڙين روپين جا مختلف ٽينڊر جاري ٿيڻ باوجود بہ تعمراتي ڪم مڪمل ناهي ٿيو.“ جنهن سبب سموري تعلقي جي هزارين شاگردن جي مستقبل داءُ تي لڳل آهي هُنن مطالبو ڪندي چيو تہ ”اولڊ بوائز هاءِ اسڪول ۽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول جاتيءَ جو تعميراتي ڪم فورن مڪمل ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.“ آخر ۾ هُنن اعليٰ اختيارين کي چتاءُ ڏيندي تعميراتي ڪم مڪمل نہ ٿيڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو